Bhaij Paghara, PML - f

Bhaij Paghara, PML - f Welcome to The Wellness Lab
Your ultimate destination for health, fitness and clinical insight!

Empower yourself with knowledge and take charge of your health journey today.

26/09/2014
26/09/2014

سرڪاري اداري ۾ آساميون خالي آهن

ڊائريڪٽر/ فنانشنل اينالائيسٽ ( پوليٽيڪل فنانس ) ( بي پي ايس 19 ) تعليمي قابليت: ايم بي اي فنانس يا لا جي ڊگري رکندڙ هجي ۽ لاڳاپيل فيلڊ ۾ تجربو رکندڙ کي ترجيح ڏني ويندي.
انفارميشن سيڪريٽري اسپيشلسٽ ( بي پي ايس 18 ) تعليمي قابليت: ماسٽرز/ بيچلرز ( 4 سال )/ ڪمپيوٽر سائنس/ آءِ ٽي ٿيل هجي ۽ لاڳاپيل فيلڊ ۾ 5 سالن جو تجربو هئڻ گهرجي.
ڊيٽا بيس اسپيشلسٽ ( بي پي ايس 18 ) تعليمي قابليت: ڪمپيوٽر سائنس يا سافٽ ويئر انجنيئرنگ جي ڊگري رکندڙ هجي ۽ پنجن سالن جو تجربو رکندڙ کي ترجيح ڏني ويندي.
نائب قاصد ( بي پي ايس 2 ) تعليمي قابليت: پرائمري پاس هجي، صرف اڳوڻا فوجي هجن.

خواهشمند 15 مارچ تائين پنهنجون درخواستون هن ايڊريس تي موڪلي سگهن ٿا. ايڊريس: ڊپٽي ڊائريڪٽر ( پرسنل ) جي پي او باڪس نمبر 1484، جي پي او اسلام آباد.

قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ آساميون

ڊپٽي ڊائريڪٽر ( بي ايس 18 ) تعليمي قابليت: ماس ڪميونيڪيشن ۾ سيڪنڊ ڊويزن ۾ ماسٽر زٿيل هجي ۽ لاڳاپيل فيلڊ ۾ 5 سالن جو تجربو هئڻ گهرجي.
پروٽوڪول آفيسر/ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ( بي ايس 17 ) تعليمي قابليت: انٽر نيشنل رليشن/ پبلڪ ايڊمنسٽريشن ۾ سيڪنڊ ڊويزن ۾ ماسٽر ٿيل هجي ۽ لاڳاپيل فيلڊ ۾ تجربو رکندڙ کي ترجيح ڏني ويندي.
ٽرانسليٽر ( بي ايس 17 ) تعليمي قابليت: انگريزي/ اردو فرسٽ ڪلاس ۾ ماسٽر ٿيل هجي ۽ لاڳاپيل فيلڊ ۾ تجربو هئڻ ضروري آهي.
انٽرپريٽر ( بي ايس 17 ) تعليمي قابليت: انگريزي ۾ سيڪنڊ ڪلاس ۾ ماسٽر ٿيل هجي ۽ ريسرچ يا پڙهائڻ جو حوالي سان 3 سالن جو تجربو هئڻ ضروري آهي.

خواهشمند 15 مارچ تائين پنهنجون درخواستون هن ايڊريس تي موڪلي سگهن ٿا. ايڊريس: ڊپٽي سيڪريٽري، نيشنل اسيمبلي سيڪريٽريٽ، پارليامينٽ هائوس اسلام آباد.

26/09/2014

خميس 25 سيپٽمبر 2014ع
مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ ۾ ڌانڌلين جي ھجڻ باوجود چونڊ نتيجي کي تسليم ڪيو: سيد زاھد شاھ

حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر )پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل تعلقي لطيف آباد جي صدر سيد زاهد شاهه ملڪ ۾ وڌندڙ انارڪي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن چونڊن ۾ ڌانڌلين جي حوالي سان جاري ڪري فنڪشنل ليگ طرفان سنڌ ۾ ڌانڌلين جي ڪيل ڳالهه تي مهر هڻي ڇڏي آهي، سنڌ ۾ ڄاڻي واڻي فنڪشنل ليگ کي عوامي نمائندگي کان محروم ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي ۽ سنڌ جي عوام جي حقيقي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو ويو ۽ جعلي اميدوارن کي ڪامياب ڪرايو . اهڙو اظهار هن لطيف آباد جي يوسي 15 ۾ ڪارڪنن جي تربيتي ورڪشاپ ۾ خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي حفيظ شورو، غفور پنهور، منظور رند، امتياز شيخ، حبيب الرحمان گدي، شهروز خان راجپوت، شبير کوسو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان دوران زاهد شاهه چيو ته پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ ۾ ڌانڌلين جي هجڻ باوجود چونڊ نتيجن کي تسليم ڪيو، پر پ پ حڪمرانن فنڪشنل جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي انتقامي ڪارروائين جو نشانو بڻايو جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي. هن چيو ته هن وقت عوام ۾ مسلم ليگ فنڪشنل مقبول پارٽي آهي جنهن هميشه حق سچ جي سياست ڪري عوام جي حقن جي تحفظ جي ڳالهه ڪري عوام جي خدمت ڪري رهي آهي.هن چيو ته سڄي سنڌ سميت حيدرآباد ضلعي جي لطيف آباد ۾ پارٽي کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪيو ويو آهي. پارٽي ڪارڪن پارٽي جي امن، محبت ۽ پيار جو پيغام عام ڪن. عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو وڃي.

Apr 26, 2014KARACHI: In a statement issued to the media after the meeting, Pir Pagara said on the death of his sister, G...
26/09/2014

Apr 26, 2014

KARACHI: In a statement issued to the media after the meeting, Pir Pagara said on the death of his sister, Gen Musharraf had arrived at his residence in London for condolence and now he felt it his duty to go and inquire after his health.

Referring to an attempt on the life of journalist Hamid Mir, he said it was the responsibility of the Sindh government to expose the attackers.

Pir Pagara also reacted to the accusations being hurled against the armed forces and said the Hur Jamaat fully sided with Pakistan Army. He said the armed forces would always find the Hur Jamaat defending the geographical and ideological borders of Pakistan along with them.

17/08/2014

اسڪالر شپ مستحق شاگردن لاءِ ڏني وئي آهي: و ي سي

ڄامشورو ( پ ر ) لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنز ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر سيد مشهور عالم شاهه لمس جي 102 ايم بي بي ايس فرسٽ ايئر ۽ فائنل ايئر جي شاگردن ۾ اسڪالر سپ جي تقريب ٿي جنهن ۾ سنڌ حڪومت طرفان 48 لک رپين جا چيڪ ڏنا ويا، ان موقعي تي وائيس چانسلر چيو ته هي اسڪالر شپ سنڌ حڪومت طرفان مستحق شاگردن لاءِ ڏنا ويا آهن، تقريب ۾ ڊائريڪٽر اڪيڊمڪ پروفيسر شفيع محمد جتوئي، ڊاڪٽر رسول بخش بهڻ ۽ ٻين شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

17/08/2014

ڪراچي ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم مطابق تڪبنديون فوج جي نگراني ۾ نه ڪرائڻ حڪومت جي من ماني آهي: شهاب الدين شاهه

حيدرآباد : سيد شهاب الدين شاهه چيو ته ڪراچي ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود تڪ بندين وارو ڪم فوج جي نگراني ۾ نه ڪرائڻ واري فيصلي تي حڪومت عمل نه ڪري ماضي وانگر من ماني ڪئي آهي، پيرسائين پاڳارا 14 ڊسمبر جي حيدرآباد واري جلسي ۾ ايم ڪيو ايم حڪومت کان ڌار ٿي مخالف ڌر ۾ ويهڻ واري ڳالهه ثابت ٿي وئي آهي.

http://dailymehran.net/wp-content/uploads/2013/03/Ali-Akbar-Nizamani-300x168.jpgپير سائين پاڳاري جي سياسي بصيرت سبب فنڪش...
17/08/2014

http://dailymehran.net/wp-content/uploads/2013/03/Ali-Akbar-Nizamani-300x168.jpg
پير سائين پاڳاري جي سياسي بصيرت سبب فنڪشنل ليگ وڌيڪ سيٽون حاصل ڪندي: علي اڪبر نظاماڻي

حيدرآباد (انٽرويو : نياز پگهيو) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي نائب صدر رئيس علي اڪبر خان نظاماڻي چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراهه پير سائين پاڳاري جي سياسي سوچ ۽ بصيرت جي ڪري ايندڙ عام چونڊن ۾ فنڪشنل ليگ وڌيڪ سيٽون حاصل ڪندي. سنڌ جي عوام ۾ فنڪشنل ليگ طرفان وڌيڪ رجحان پيدا ٿيو آهي. پ پ جي غلط پاليسين جي ڪري ملڪ جي زراعت تباهه ٿي وئي آهي، آبادگار پريشان آهن. پ پ حڪومت بينظير انڪم سپورت پروگرام ذريعي عوام کي سياسي رشوت ڏئي رهي آهي پر پ پ کي عوام هاڻي سمجهي چڪو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن روزاني مهراڻ اخبار جي آفيس جي دوري دوران انٽرويو ڏيندي ڪيو. رئيس علي اڪبر خان نظاماڻي چيو ته پ پ جي اقتداري دور ۾ مهانگائي، بيروزگاري، بدامني ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو. نوجوانن کي روزگار نه ملڻ ڪري بدامني ۾ اضافو ٿيو آهي، هڪ سوال سنڌ ۾ حيدرآباد جي جلسي کانپوءِ فنڪشنل ليگ جي پوزيشن مضبوط ٿي وئي آهي، فنڪشنل ليگ جي سربراهه پير سائين پاڳاري جا سڀني لاءِ دروازا کليل اهن. جڏهن ته پ پ وارن جي عوام لاءِ ڪابه سوچ نه آهي. پ پ هاڻي ختم ٿي وئي آهي، جنهن جا اونر ته هجن اها عوام لاءِ ڪهڙي فائديمند هوندي. هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سنڌ جا وڏا گهراڻا فنڪشنل ليگ ۾ شامل ٿيا آهن. جڏهن ته نگران سيٽ اپ اچڻ، پارٽين طرفان چونڊ ٽڪيٽ جي ورهاست واري مرحلي ۾ به اڃا وڌيڪ ماڻهو فنڪشنل ليگ ۾ شامل ٿيندا. هن چيو ته پ پ پنهنجي 5 ساله اقتداري دور ۾ ڪي به ملڪي معيشت جي لاءِ پاليسي نه جوڙي ۽ نه وري پلاننگ ڪئي آهي. جڏهن ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نالي تي سياسي رشوت عيوض پئسا ورهايا آهن، هن چيو ته سنڌ ۾ آبادگار انڊسٽريز وارا پريشان آهن. آبادگارن سان زيادتيون ٿي رهيون آهن. هن چيو ته بدين ضلعي ۾ صدر آصف زرداري ۽ ذوالفقار مرزا جون شگر ملون هجڻ ڪري آبادگارن کي ڪمند جو اگهه درست نه ملي رهيو آهي. جڏهن ته پاڙيسري ملڪ آبادگارن کي هر سبسڊي ڏئي رهيو آهي، اسان وٽ آبادگارن کي بجلي، گيس ۽ ڪابه سبسڊي نٿي ڏني وڃي. هن چيو ته زرعي معيشت ملڪ ۾ بهتر نه هجڻ ڪري گهڻي ڏکيائي پيش اچي رهي آهي. سنڌ ۾ وڏيري جو نالو بدنام آهي پر جيترو سنڌ ۾ وڏيرو بهتر ڪم ڪري پنهنجن هارين جي خاندان لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، اهو ڪير به نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته غريب، غريبي ۾ وڪوڙجي رهيو آهي. هزارين بيروزگار هڪ هڪ وزير جي پويان نوڪري لاءِ پريشان آهن پر حڪمران نوڪريون وڪرو ڪرڻ ۾ پورا آهن، هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ملڪ ۾ هن وقت تائين ڪوبه سچو سياستدان نه رهيو آهي، جنهن ڪري ملڪ جو مستقبل اونداهو رهيو. هن چيو ته هاڻي فنڪشنل ليگ هر شعبي جي بهتري آڻڻ لاءِ ڪيو آهي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ ڪامياب ٿي گهڻن ئي مسئلن کي حل ڪيو ويندو.

ميرپورخاص ۾ فنڪشنل ليگ پاران جشن آزادي ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ شاندار ريلي، وک وک تي آجيانPicture4ميرپورخاص (رپورٽ: شريف مه...
17/08/2014

ميرپورخاص ۾ فنڪشنل ليگ پاران جشن آزادي ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ شاندار ريلي، وک وک تي آجيان
Picture4

ميرپورخاص (رپورٽ: شريف مهر) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ضلعي ميرپورخاص پاران ضلعي صدر فقير مبارڪ مهر جي اڳواڻي ۾ جشن آزادي ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ اسٽيشن چوڪ کان پريس ڪلب تائين هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي. ريلي ۾ شريڪ ڪارڪنن پاران پاڪستان زنده آباد ۽ ڀيڄ پاڳارا جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا. ريلي پاڳارا چوڪ تي پهتي ته شهرين پاران ڀرپور آجيان ڪندي گلن جي ورکا ڪئي. ان موقعي تي ضلعي صدر مبارڪ مهر ۽ ٻين اڳواڻن پاران پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪايو ويو. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي فقير مبارڪ مهر چيو ته پاڪستان امام انقلاب دنيا جي قومي هيرو حضرت پير سيد صبغت الله شاهه راشدي سورهيه بادشاهه جي قرباني جي ڪري اسان کي آزادي ملي، جنهن برصغير جي مسلمانن کي هڪ آزاد ملڪ ڏنو ۽ انگريزن خلاف ويڙهه ڪري ملڪ مان ڀڄڻ تي مجبور ڪيو. هن چيو ته پاڪستان هڪ مشڪل دور مان گذري رهيو آهي، قوم کي گڏجي ملڪ جي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. پاڪ فوج پاران دهشتگردن خلاف هلندڙ ڪامياب آپريشن تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ٿا ڪريون. هن چيو ته پاڪ فوج پاران ڪيل آپريشن جي حمايت ڪندي اعلان ٿا ڪريون ته حر جماعت ۽ فنڪشنل ليگ فوج سان گڏ آهي، ملڪ جي سلامتي ۽ ترقي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين. ان موقعي تي ملڪ جي سلامتي، ضرب عضب آپريشن جي شهيد جوانن لاءِ اجتماعي دعا گهري وئي ۽ مٺائي پڻ تقسيم ڪئي وئي. ريلي کي اڳواڻن رياض پيرزادو، احسن گل، ميجر (ر) مسرور بيگ، فقير امان الله شر، حنيف پنهور، سرفراز جوڻيجو، غزالا يوسف، مريم مهر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ان کان سواءِ ريلي ۾ فقير الهبچايو راڄڙ، عرفان کٽياڻ، حاجي يوسف دل، برڪت عالياڻي، ظفر گجر، فضل ميمڻ، علي نواز جوڻيجو، اسماعيل خاصخيلي، گل حسن پنهور، محمد خان مهر، سليم پهوڙ، نياز پهوڙ، حنيف مهر، ايوب مهر، معشوق مڱريو، حنيف درس، ملڪ عبدالرزاق، بشير احمد، پانچو مل، نواز بلوچ، علي لغاري، سڪندر مهر، ايوب مهر، زين ڇڄڙو، سعيد الله مهر، اقبال راجپوت، علي حسن لغاري، ساحل مهر، نصرالله لاشاري، رحيم شر، نظر محمد، نور العين يوسف کان سواءِ مختلف ونگ اڳواڻن سميت سوين ماڻهن شرڪت ڪئي
http://dailymehran.net/wp-content/uploads/2014/08/Picture411-300x189.jpg

27/04/2013

Abb To Goonj Raha He Her Tarf Ek He Nara
Bhej Pagara
Bhej Pagara,

Mazloomo Ka Saathi
Sub ka Humdard
Gareeb Awam Ka Sahara
Bhej Pagara
Bhej Pagara,

Her Mushkil Waqt Ka Mokabla Krne Wala
Na He Kisi Se Darnay Wala
Bhej Pagara
Bhej Pagara,

"Rashdion" Ka Sardar
"Huron" Ko Pyara
Ab To Doctor, Engineer Wakeel Sub Ka Yahi Hai Nara
Bheej Pagara
Bheej pagara,

"Huron " Ke Saath Sub Mil Kr Bolo
Ab To Tum Apnay Labon Ko Kholo
Mil Jye Ga Kamyabi Ka Kinara
Bhej Pagara
bhej Pagara

Address

Qasimabad
Hyderabad Lines
71000

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Bhaij Paghara, PML - f posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Practice

Send a message to Bhaij Paghara, PML - f:

Share

Share on Facebook Share on Twitter Share on LinkedIn
Share on Pinterest Share on Reddit Share via Email
Share on WhatsApp Share on Instagram Share on Telegram