19/08/2018
لالٽين هٿ مان ڇا ڪري!
سمورو گاسليٽ هارجي ويو
بتيء جو شيشو ڀڄي پيو
ڄڻ تہ خواب ڀورا ڀورا ٿي ويا!
صبح جو امتحان هيو
دير دير تائين پڙهڻو بہ هيو!
امان دڙڪا ڏيڻ بدران
مٺي کير جو ڀريل وٽو هٿ ۾ ڏئي
روشنيءَ جي تلاش ۾ ٻاهر نڪري وئي!
چله ۾ پيل
تازن اجهاڻل اڱرن کي ڦوڪون ڏيندي ۽
ڏيئو ٻاريندي ٻاريندي
ان رات امان
اکڙين جون پنبڻيون
۽ ڊگهن وارن جون
چوٽيون ساڙي ويٺي!
بابا ونجڻي سان
منهنجو پگهر سڪائيندي چوڻ لڳو
وڏو ٿيندين، نوڪري ملندئي
پوءِ وڃي منهنجا ٿڪ لهندا!
رات امان ۽ بابا جي تصوير
سيني سان لڳائي
ساڻن ڪجه
دل جو ڳالهيون ڪرڻ چاهيم
بجلي هلي وئي،
سولر جو بٽڻ آن ڪيم
منهنجا ٻار چوڻ لڳا
بابا تون جنهن لالٽين ۽ ڏيئي جو ذڪر ڪندو آهين
ان ۽ سولر جي روشنيءَ ۾ ڪو فرق؟
مان سوال جي گهرائي ۾ وڃڻ چاهيو
ڀرسان آواز آيو
امان چئي رهي هئي
ٻارڙن کي چئہ
لالٽين جي رنگيني، ڏيئي جي وٽ
۽ سولر پليٽ جي روشني
هي سڀ
اوهان جي اکين جو اولڙو آهن
ها البتہ
ڏيئي جي وٽ ۽ هوا جو جهيڙو
جاري ئي رهڻو آهي
۽ سولر پليٽ کي
سج جي تپش سان سنگت
رکڻي ئي پوندي!
ان ڪري ٻارن کي چئہ
منزل ماڻن لاءِ درد سان گڏجي
سفر ڪرڻ کان متان گهٻرايو اٿن!
__=__==__===_===________===__
مشتاق ڦل
17 آگسٽ 2018