12/03/2026
📢 ايڊوانسڊ ميڊوائيفري ڪلينڪل اسڪلز ٽريننگ پروگرام
يونيورسٽي آف ماڊرن سائنسز، ٽنڊو محمد خان طرفان ايڊوانسڊ ميڊوائيفري ڪلينڪل اسڪلز ٽريننگ لاءِ درخواستون طلب ڪيون وڃن ٿيون. هي ٽريننگ ميڊوائيفري جي شعبي سان لاڳاپيل عورتن لاءِ هڪ اهم موقعو آهي ته جيئن هو پنهنجون ڪلينڪل صلاحيتون وڌيڪ بهتر بڻائي سگهن.
📚 ٽريننگ جو عرصو:
اپريل 2026 کان شروع ٿي 2026 جي آخر تائين جاري رهندي.
✅ اهليت:
• تربيت يافته ۽ مستند عورت اميدوار
• سرٽيفائيڊ ميڊوائيف
• (ترجيح انهن اميدوارن کي ڏني ويندي جن جو تعلق ڏورانهن يا پٺتي پيل علائقن سان هجي)
🎯 ٽريننگ جا مقصد:
• محفوظ ڊليوري ۽ ميڊوائيفري جي ڪلينڪل صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ
• ايمرجنسي حالتن ۾ ماءُ ۽ ٻار جي سنڀال بابت تربيت
• ڪميونٽي سطح تي ماءُ ۽ ٻار جي صحت بابت آگاهي پيدا ڪرڻ
• غذائيت ۽ ايمرجنسي سنڀال بابت عملي سکيا
📍 هنڌ:
انڊس ميڊيڪل ڪاليج اسپتال، ٽنڊو محمد خان
درخواست جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ:
31 مارچ 2026
📞 وڌيڪ معلومات لاءِ رابطو ڪريو:
0332-3615148
🌐 ويب سائيٽ:
www.um.edu.pk
http://admission.imch.edu.pk
صحت مند ماءُ ۽ صحتمند ٻار لاءِ گڏجي قدم کڻون.