31/03/2023
ڪراچي جي سائيٽ ايريا ۾ راشن جي ورڇ دوران ڀاڄ سبب 11ڄڻا لتاڙجي ۽ نالي ۾ ڪِري فوت هٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي بيهوش آهن
فوتين ۾ راشن وٺڻ لاءِ پهتل 8 عورتون ۽ 3 ٻارڙا شامل، جن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن
نجي ڪمپني طرفان زڪوات تحت راشن ورهايو پئي ويو ته اوچتو ڀاڄ پئجي ويئي
ڪجهه ماڻهو لتاڙجي ويا ۽ ڪجهه وري نالي ۾ ڪِري پيا، ڀاڄ سبب بجلي جي تار به شهرين مٿان ڪري پئي
ريسڪيو ٽيمن فوتين جا لاش ۽ بيهوش ٿيلن کي اسپتال منتقل ڪيو
وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري نوٽيس وٺندي جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ڪمشنر ڪراچي ۽ سيڪريٽري انڊسٽريز کان رپورٽ طلب ڪئي
وڏي وزير چيو آهي ته راشن جي ورڇ ۽ فلاحي ڪمن لاءِ انتظاميا کي اڳواٽ آگاهه ڪرڻ گهرجي، جاچ ۾ جنهن جي به غفلت ظاهر ٿي، اُن خلاف ايڪشن کنيو ويندو