Young Nurses Association CMCH Larkano

Young Nurses Association CMCH Larkano Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Young Nurses Association CMCH Larkano, Medical and health, Larkana.

27/01/2026
27/01/2026

پريس ريليز
پيڊ انٽرنشپ نه ملڻ خلاف ينگ نرسز ايسوسيشن (شاگرد ونگ) بينظير ڪاليج آف نرسنگ SMBBMU لاڙڪاڻو جي شاگردن پاران احتجاجي تحريڪ شروع
(رپورٽ):
بينظير ڪاليج آف نرسنگ، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي شاگردن پاران پيڊ انٽرنشپ نه ملڻ خلاف سخت ڳڻتي ۽ ناراضگي ظاهر ڪندي ينگ نرسز ايسوسيشن (شاگرد ونگ) لاڙڪاڻو جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. شاگردن چيو ته انتظاميا بار بار اپيلن جي باوجود شاگردن سان ڳالهيون ڪري مسئلو حل ڪرڻ نٿي چاهي، جنهن سبب صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي رهي آهي.
شاگردن اڳواڻن صدر خدابخش ۽ جنرل سيڪريٽري علي حيدر بلوچ، فرهاد کوسو ، سليم علي ، عاشق شر ، شير محمد ، افصل ، بشير جکراڻي، واجد علي گهوٽو ، حارف چاچڙ ، عامر خان ، وقار جاگيراڻي ،چاڪر شر احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي ڪندي چيو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستان ۽ پاڪستان نرسنگ اينڊ مڊوائفري ڪائونسل (PN&MC) جي واضح قاعدن مطابق هر نرسنگ اداري لاءِ لازمي آهي ته گريجوئيٽ شاگردن کي پگهاردار هائوس جاب (پيڊ انٽرنشپ) فراهم ڪئي وڃي، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هن اداري ۾ اڃا تائين انهن قانوني ضابطن تي عمل نه ٿي رهيو آهي.
هنن چيو ته سنڌ حڪومت پاران نرسنگ ڪاليجن لاءِ 30 هزار رپيا ماهوار پيڊ انٽرنشپ بابت باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، ان جي باوجود بينظير ڪاليج آف نرسنگ، جيڪو شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي انتظام هيٺ آهي، اتي شاگردن کي هن بنيادي ۽ قانوني حق کان محروم رکيو پيو وڃي، جنهن سبب شاگردن ۾ شديد بيچيني، ذهني پريشاني ۽ معاشي مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن.
شاگرد اڳواڻن وڌيڪ چيو ته نرسز صحت جي نظام جي ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکن ٿيون ۽ ملڪ جي صحت لاءِ انهن جي بهتر تربيت انتهائي ضروري آهي. چار سال تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنجين سال اسپتال ۾ هائوس جاب دوران مالي سهائتا فراهم ڪرڻ حڪومت ۽ صحت کاتي جي اخلاقي ۽ قانوني ذميداري آهي، پر افسوس جو هتي نرسنگ شاگردن سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي.
بينظير ڪاليج آف نرسنگ جي شاگردن وائيس چانسلر شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ڊاڪٽر نصرت شاهه صاحبه کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ذاتي دلچسپي وٺي پيڊ انٽرنشپ جي عمل کي فوري طور تي يقيني بڻائين. شاگردن اميد ظاهر ڪئي ته سيد قائم علي شاهه جي گهراڻي سان تعلق رکندڙ وائيس چانسلر صاحبه پنهنجي روايت موجب شاگردن جو هي جائز مطالبو پورو ڪنديون.
پريس رليز ۾ وڌيڪ چيو ويو ته موجوده رجسٽرار ڊاڪٽر فهد جبران سيال کان پڻ اميد آهي ته هو قانون ۽ ضابطن موجب شاگردن جي مسئلي کي حل ڪرائيندا، جڏهن ته بينظير ڪاليج آف نرسنگ جي پرنسپال ڊاڪٽر نظير علي ٻرڙو کان به اپيل ڪئي وئي آهي ته هو لاڙڪاڻي جو واحد PhD نرس هجڻ جي حيثيت سان پنهنجي عهدي جو اخلاقي ۽ قانوني ڪردار ادا ڪن ۽ شاگردن سان ٿيندڙ ناانصافي جو ازالو ڪرائين.
شاگرد اڳواڻن پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت، خاص طور تي بلاول ڀٽو زرداري، وزير صحت ميڊم عزرا پيچوهو، جميل احمد سومرو، سهيل انور سيال، ميئر لاڙڪاڻو انور علي لُهر، شاه رخ سيال ۽ نوجوان اڳواڻ اعجاز علي لغاري کان پڻ اپيل ڪئي آهي ته هو شاگردن جو آواز اعليٰ فورمن تائين پهچائي پيڊ انٽرنشپ جو حق ڏيارڻ ۾ مدد ڪن.
شاگرد اڳواڻن آخر ۾ چيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبو جلد پورو نه ڪيو ويو ته هو قانوني ۽ جمهوري حدن اندر رهندي پنهنجو آواز وڌيڪ اثرائتي نموني بلند ڪرڻ، احتجاج جو دائرو وڌائڻ ۽ هر قانوني فورم تي جدوجهد جاري رکڻ جو حق محفوظ رکن ٿا.
پاران: انفارميشن سيل ينگ نرسز ايسوسيئيشن شاگرد ونگ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي آريجا لاڙڪاڻه

🎉 Heartiest Birthday Greetings toMr. Aijaz Ali Kaleri 🎉👉On this special occasion, we extend our warmest and most sincere...
26/01/2026

🎉 Heartiest Birthday Greetings to
Mr. Aijaz Ali Kaleri 🎉

👉On this special occasion, we extend our warmest and most sincere birthday wishes to Mr. Aijaz Ali Kaleri, Ex-Elected Member of the Pakistan Nursing & Midwifery Council (PNMC) and Founder of Young Nurses Association (YNA) Sindh. Your lifelong commitment, visionary leadership, and tireless efforts for the uplift of the nursing profession have left a remarkable and lasting impact.

👉Your role in advocating for nurses’ rights, strengthening professional unity, and promoting ethical and professional standards has been a source of inspiration for countless nurses across Sindh and Pakistan. Through your wisdom, courage, and dedication, you have guided the nursing community toward progress, recognition, and empowerment.

👉On your birthday, we pray that Almighty Allah blesses you with good health, long life,

23/01/2026

پريس رليز

بينظير ڪاليج آف نرسنگ لاڙڪاڻو ۾ پيڊ انٽرنشپ نه ملڻ خلاف شاگردن جو ينگ نرسز ايسوسيشن (شاگرد ونگ) لاڙڪاڻو جي سڏ تي احتجاجي مظاھرو.

(رپورٽ)
بينظير ڪاليج آف نرسنگ، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي شاگردن پاران پيڊ انٽرنشپ نه ملڻ خلاف سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستان ۽ پاڪستان نرسنگ اينڊ مڊوائفري ڪائونسل (PN&MC) جي واضح قاعدن مطابق هر نرسنگ اداري کي گريجوئيٽ شاگردن کي پگهاردار هائوس جاب مهيا ڪرڻ لازمي آهي، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هن اداري ۾ اڃا تائين ان تي عمل نه ٿي رهيو آهي.
شاگردن اڳواڻن جنرل سيڪريٽري علي حيدر بلوچ ، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري فرهاد کوسو ، سليم علي کوکر عاشق شر ، شير محمد مهر ، افضل ڄامڙو ، فيصل کوسو ، وقار بلوچ، واجد گهوٽو ،عامر خان، زوهيب رحمان ، محمد حارف ۽ ٻين احتجاجي مظاھري جي اڳواڻي ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت طرفان نرسنگ ڪاليجن لاءِ 30 هزار رپيا ماهوار پيڊ انٽرنشپ بابت باقاعده ليٽر جاري ڪيو ويو آهي، ان جي باوجود بينظير ڪاليج آف نرسنگ جيڪو شھيد محترمـ بينظير ڀٽو ميڊڪل يونيورسٽي جي انتظامڪاري ھيٺ نرسنگ ڪاليج آھي ان جي شاگردن کي هن بنيادي حق کان محروم رکيو پيو وڃي، جنهن سبب شاگردن ۾ شديد بيچيني، ذهني پريشاني ۽ معاشي مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن.
شاگردن اڳواڻن وڌيڪ چيو ته نرسز صحت جي نظام ۾ ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکن ٿيا ۽ ملڪ جي صحت لاءِ انهن جي بهتر تربيت انتهائي ضروري آهي، جڏهن ته چار سال تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنجين سال اسپتال ۾ هائوس جاب دوران مالي سهائتا مهيا ڪرڻ حڪومت ۽ صحت کاتي جي ذميداري آهي.

بينظير ڪاليج آف نرسنگ جي شاگردن وائيس چانسلر شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ڊاڪٽر نصرت شاهه صاحبا کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ذاتي دلچسپي وٺي پيڊ انٽرنشپ جي عمل کي فوري طور تي يقيني بڻائين. شاگردن اميد ظاهر ڪئي ته سيد قائم علي شاھ صاحب جي گهراڻي سان تعلق رکندڙ وائيس چانسلر صاحبا پنهنجي روايت موجب شاگردن جو هي جائز مطالبو پورو ڪنديون.

پريس رليز ۾ وڌيڪ چيو ويو ته موجوده رجسٽرار ڊاڪٽر فهد جبران سيال کان پڻ اميد آهي ته هو قانون ۽ ضابطن موجب شاگردن جي مسئلي کي حل ڪرائيندا، جڏهن ته بينظير ڪاليج آف نرسنگ جي پرنسپال ڊاڪٽر نظير علي ٻرڙو کان به اپيل ڪئي وئي آهي ته هو لاڙڪاڻي جو واحد PhD نرس آھي ۽ پنهنجي عهدي جو اخلاقي ۽ قانوني ڪردار ادا ڪن.

شاگردن اڳواڻن پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت، خاص طور تي بلاول ڀٽو زرداري، وزير صحت ميڊم عزرا پيچوھو صاحبـ, جميل احمد سومرو، سھيل انور سيال, ميئر لاڙڪاڻو انور علي لُهر, شاھ رخ سيال ۽ نوجوان اڳواڻ اعجاز علي لغاري صاحب کان پڻ اپيل ڪئي آهي ته هو شاگردن جو آواز اعليٰ فورمن تائين پهچائي پيڊ انٽرنشپ جو حق ڏيارڻ ۾ مدد ڪن.

شاگردن اڳواڻن آخر ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبو جلد پورو نه ڪيو ويو ته هو قانوني ۽ جمهوري حدن اندر رهندي پنهنجو آواز وڌيڪ اثرائتي نموني بلند ڪرڻ جو حق محفوظ رکن ٿا.

پاران: انفارميشن سيل: ينگ نرسز ايسوسيشن (شاگرد ونگ) بينظير ڪاليج آف نرسنگ; شھيد محترمـ بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونورسٽي لاڙڪاڻو.

اڄ بتاريخ 15 جنوري 2026ع تي ينگ نرسز ايسوسيشن لاڙڪاڻو جي وفد، جنهن ۾ چيئرمين قاسم جسڪاڻي، صدر زبير احمد منگي، جنرل سيڪري...
15/01/2026

اڄ بتاريخ 15 جنوري 2026ع تي ينگ نرسز ايسوسيشن لاڙڪاڻو جي وفد، جنهن ۾ چيئرمين قاسم جسڪاڻي، صدر زبير احمد منگي، جنرل سيڪريٽري عبدالشڪور ڇٽو، نائب صدر نعمان احمد مغل ۽ ڊپٽي جنرل سيڪريٽري محمد امين وڳڻ شامل هئا، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي بينظير ڪاليج آف نرسنگ جي نئين پرنسيپال ڊاڪٽر نظير علي ٻرڙو صاحب کي چارج سنڀالڻ تي گلن جا هار پارائي مبارڪون ڏنيون.
ان موقعي تي ينگ نرسز ايسوسيشن اسٽوڊنٽ ونگ بينظير ڪاليج آف نرسنگ جو صدر خدا بخش ۽ جنرل سيڪريٽري علي حيدر بلوچ پڻ موجود هئا. ملاقات دوران ينگ نرسز ايسوسيشن لاڙڪاڻو جي ڪابينا ۽ پرنسيپال صاحب وچ ۾ اداري جي بهتري، شاگردن جي ڀلائي ۽ گڏيل سهڪار سان اثرائتي ڪم ڪرڻ بابت مثبت خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
ڊاڪٽر نظير علي ٻرڙو هڪ پي ايڇ ڊي نرس آهن، ۽ اميد ظاهر ڪئي وئي ته هو پنهنجي قابليت، تجربي سان اداري کي نون اوچائين ڏانهن وٺي ويندا، جيڪو نرسنگ شاگردن ۽ پوري نرسنگ پروفيشن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو.
ينگ نرسز ايسوسيشن لاڙڪاڻو ان اميد جو اظهار ڪيو ته اداري ۾ ايندڙ بهتري نرسنگ شعبي جي مجموعي ترقي جو ذريعو بڻجندي.
بلاول قريشي
ترجمان: ينگ نرسز ايسوسيشن لاڙڪاڻو

*انتہائی تشویشناک اطلاع*ہمارے نہایت محترم اور عزیز دوست *نرسنگ انسٹرکٹر میل کالج لاڑکانہ جناب صادق علی چانڈیو* آج صبح لا...
13/01/2026

*انتہائی تشویشناک اطلاع*
ہمارے نہایت محترم اور عزیز دوست *نرسنگ انسٹرکٹر میل کالج لاڑکانہ جناب صادق علی چانڈیو* آج صبح لاڑکانہ سے کراچی پہنچے اور سہراب گوٹھ مین اڈے پر اترنے کے بعد گھر خیریت کا پیغام بھیجا، مگر اس کے تھوڑی دیر بعد ہی ان کا موبائل فون مسلسل بند ہو گیا ہے۔
اب رات کے 10 بج چکے ہیں اور تاحال ان سے کوئی رابطہ ممکن نہیں ہو سکا، جس کے باعث دوستوں، شاگردوں اور اہلِ خانہ میں شدید تشویش اور بے چینی پائی جا رہی ہے۔
دل بے اختیار دعا گو ہے کہ وہ خیریت سے ہوں، مگر وقت گزرنے کے ساتھ تشویش میں اضافہ ہو رہا ہے۔
ہم تمام بھائیوں، دوستوں اور کراچی کے معزز احباب سے دردمندانہ اپیل کرتے ہیں کہ اگر آج کسی نے جناب صادق علی چانڈیو کو دیکھا ہو ان سے بات ہوئی ہو یا کسی بھی قسم کی اطلاع ہو تو براہِ کرم فوراً رابطہ کریں۔
آپ کی ایک اطلاع کسی خاندان اور سینکڑوں دلوں کو سکون دے سکتی ہے۔
اللہ تعالیٰ ہر قدم پر ان کی حفاظت فرمائے اور جلد خیر و عافیت کے ساتھ رابطہ ممکن ہو۔ آمین 🤲
رابطہ:
*طاھر علی بھٹو*
*📞 0333-3810977*

ڊاڪٽر گلزار علي تنيو، اڳوڻو ايم ايس چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو ۽ هاڻوڪو ڊي ايڇ او ڪمبر–شهدادڪوٽ، کي Outstanding Polio Hero Aw...
11/01/2026

ڊاڪٽر گلزار علي تنيو، اڳوڻو ايم ايس چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو ۽ هاڻوڪو ڊي ايڇ او ڪمبر–شهدادڪوٽ، کي Outstanding Polio Hero Award ملڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪون پيش ڪجن ٿيون۔ هو سنڌ جي بهترين انتظامي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسرز مان هڪ آهي، جنهن پوليو خلاف جدوجهد ۾ قابلِ فخر خدمتون سرانجام ڏنيون آهن

پاران:
ينگ نرسز ايسوسيئيشن
(ڊويزن لاڙڪاڻو)
@ چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو

اڄ ينگ نرسز ايسوسيئيشن اسٽوڊنٽ وِنگ، فيميل ۽ ميل نرسنگ ڪاليجز لاڙڪاڻو جي عهديدارن، پيڊ انٽرنشپ جي منظوري تي ينگ نرسز ايس...
10/01/2026

اڄ ينگ نرسز ايسوسيئيشن اسٽوڊنٽ وِنگ، فيميل ۽ ميل نرسنگ ڪاليجز لاڙڪاڻو جي عهديدارن، پيڊ انٽرنشپ جي منظوري تي ينگ نرسز ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو جي چيئرمين قاسم جسڪاڻي، صدر زبير احمد منگي، جنرل سيڪريٽري عبدالشڪور ڇٽو ۽ پوري ٽيم کي سندن مسلسل جدوجهد تي دل جي گهراين سان مبارڪون ڏنيون.
ان موقعي تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي گلن جا هار پارايا ويا ۽ ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.
لاڙڪاڻو هميشه اهو واحد ضلعو رهيو آهي، جتان سڀ کان پهريون حقن لاءِ آواز بلند ٿيندو رهيو آهي.
پيڊ انٽرنشپ لاءِ به ينگ نرسز ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو ئي سڀ کان اڳ مضبوط ۽ اثرائتو آواز اٿاريو، جڏهن ته اسٽوڊنٽ وِنگز پڻ منظم احتجاجي تحريڪ هلائي، جنهن جي مڪمل رهنمائي YNA لاڙڪاڻو جي چيئرمين ۽ سندس ٽيم ڪئي.
ينگ نرسز ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو نرسز جي جائز حقن لاءِ جدوجهد ماضيءَ ۾ به ڪئي آهي، حال ۾ به ڪري رهي آهي، ۽ مستقبل ۾ به هيءَ حقن جي جنگ جاري رهندي.

لاڙڪاڻو (08 جنوري 2026)ينگ نرسز ايسوسيشن لاڙڪاڻو جي عهديدارن، جن پوسٽ آر اين (Post RN) ۾ پهرين، ٻي ۽ ٽين پوزيشن حاصل ڪري...
08/01/2026

لاڙڪاڻو (08 جنوري 2026)
ينگ نرسز ايسوسيشن لاڙڪاڻو جي عهديدارن، جن پوسٽ آر اين (Post RN) ۾ پهرين، ٻي ۽ ٽين پوزيشن حاصل ڪري ڪاميابي سان ڊگريون حاصل ڪيون، تن جي اعزاز ۾ اڄ هڪ سادي مگر پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي.

تقريب دوران صدر زبير احمد منگي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري محمد امين وڳڻ، خزانچي محمد يامين وڳڻ، نائب صدر عرفان علي ڪنڀر، خالد حسين اوڍو، دلشاد علي جوڻيجو ۽ راشد صفدر بروهي کي شمشاد علي چانڊيو (MSN، ڊاؤ ڪراچي)، عبدالسلام بروهي (سپروائيزر پيراميڊڪس ٽيچنگ بلاڪ) ۽ اظهار علي مورو (سپروائيزر نرسنگ ٽيچنگ بلاڪ، چانڊڪا) پاران گلن جا هار پارائي دل جي گهراين سان مبارڪون ڏنيون ويون ۽ سندن همٿ افزائي ڪئي وئي.

ان موقعي تي چئرمين ينگ نرسز ايسوسيشن لاڙڪاڻو, قاسم جسڪاڻي, ڳالهائيندي چيو ته نرسنگ شعبي ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ نه صرف ذاتي ڪاميابي آهي پر سماج ۽ صحت جي نظام لاءِ پڻ هڪ اهم قدم آهي. هنن اميد ظاهر ڪئي ته نوجوان نرسز پنهنجي علم، مهارت ۽ جذبي سان مريضن جي خدمت کي وڌيڪ موثر بڻائيندا.

تقريب ۾ ينگ نرسز ايسوسيشن لاڙڪاڻو جي چيئرمين قاسم جسڪاڻي، جنرل سيڪريٽري عبدالشڪور ڇٽو، نائب صدر نعمان مغل، رابيل علي ابڙو، محمد معظن ڪلهوڙو ۽ ترجمان بلاول قريشي پڻ موجود هئا.
آخر ۾ تنظيم جي اڳواڻن اعليٰ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ نرسز کي روشن مستقبل لاءِ نيڪ تمنائون ڏنيون.

بلاول قريشي
ترجمان، ينگ نرسز ايسوسيشن لاڙڪاڻو

Cordially congratulate Professor Nazeer Ali Buriro Sahib on assuming the charge of Principal, Benazir College of Nursing...
06/01/2026

Cordially congratulate Professor Nazeer Ali Buriro Sahib on assuming the charge of Principal, Benazir College of Nursing, Shaheed Mohtarma Benazir Bhutto Medical University (SMBBMU), Larkana. Wishing him great success in this new academic leadership role.

اڄ 01/01/2026 تي ينگ نرسز ايسوسيشن لاڙڪاڻو پاران  بينظير ڪاليج آف نرسنگ @ شھيد محترمـ بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻ...
01/01/2026

اڄ 01/01/2026 تي
ينگ نرسز ايسوسيشن لاڙڪاڻو پاران بينظير ڪاليج آف نرسنگ @ شھيد محترمـ بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو مان گولڊ ۽ سلور مڊل سان پوسٽ آر اين ڊگري حاصل ڪندڙ: ينگ نرسز ايسوسيشن لاڙڪاڻو : صدر, زبير احمد منگي,سلور مڊل
نائب صدر, عرفان علي ڪنڀر, سلور مڊل
ڊپٽي جنرل سيڪريٽري, محمد امين وڳڻ, سلور مڊل
ٽريزرار, محمد يامين وڳڻ, گولڊ مڊل
ايگزيڪوٽو ڪميٽي ميمبر, خالد حسين اوڍو سلور
دلشاد علي جوڻيجو صاحب
ڀأ آفتاب احمد چانڊيو صاحب
کي گلن جا ھار پارائي ڪيڪ ڪٽي مبارڪون ڏنيو.

بلاول قريشي
انفارميشن سيڪريٽري
ينگ نرسز ايسوسيشن لاڙڪاڻو

ينگ نرسز ايسوسيشن لاڙڪاڻو جي عھديدارن کي بينظير ڪاليج آف نرسنگ @ شھيد محترمـ بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو مان گول...
29/12/2025

ينگ نرسز ايسوسيشن لاڙڪاڻو جي عھديدارن کي بينظير ڪاليج آف نرسنگ @ شھيد محترمـ بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو مان گولڊ ۽ سلور مڊل سان پوسٽ آر اين ڊگري حاصل ڪرڻ تـ دلي مبارڪون
ينگ نرسز ايسوسيشن لاڙڪاڻو : صدر, زبير احمد منگي,سلور مڊل
نائب صدر, عرفان علي ڪنڀر, سلور مڊل
ڊپٽي جنرل سيڪريٽري, محمد امين وڳڻ, سلور مڊل
ٽريزرار, محمد يامين وڳڻ, گولڊ مڊل
اھا نھايت فخر جي ڳالھ آھي تـ اسان جا تنظيمي عھديدار صرف رواجي عھديدار يا يونين بازي ڪندڙ نـ پر اھي علم, مھارت ۽ شعور جي دنيا ۾ بـ ناميارا ۽ بھترين آھن.

سڀني پوزيشن ھولڊرس ۽ ڊگري حاصل ڪندڙ گريجوئيٽ کي مبارڪون
اميد تـ اڳتي بـ ڪاميابيون ماڻيندا رھندا

Address

Larkana

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Young Nurses Association CMCH Larkano posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Share on Facebook Share on Twitter Share on LinkedIn
Share on Pinterest Share on Reddit Share via Email
Share on WhatsApp Share on Instagram Share on Telegram