Aamir ali

Aamir ali Cardiologist by profession, creator by passion🥼
"🩺

16/09/2025

خدا جي پناه، ڪنهن پوسٽ کي شيئر ڪرڻ کان اڳ ۾ پوري جاچ ته ڪيو!!

پنجاب ۾ اسڪول جي فنڪشن ۾ ٿيل فوڊ پوائزن واري وڊيو کي وري ايڇ پي وي ويڪسين جي سائیڊ اِفيڪٽ نالي تي شئير ڪرڻ وارن جي عقل تي ماتم ڪري سگھجي ٿو !

باقي HPV ويڪسين ڇا آهي ۽ ان کي ڇو لڳائڻ کپي، لنڪ ڪمينٽ ۾ ڏسو!

ڊاڪٽر عامر مگسي

15/09/2025

اَساں کي ايڇ پي وي ويڪسين ٻارن کي نه ڏيارڻ کپي؟

ڇا ان سان ڇوڪريون هميشه لاءِ بانجھ ٿي وينديون؟

ڇا اِها يَهُودي سازش آهي؟

مهرباني ڪري وڊيو پوري ڌيان سان ڏسو پوءِ شيئر ڪريو۔

11/09/2025

ڇا HPV injection
جو ڪو نقصان آهي؟

بلڪل به نه، بلڪه اُلٽو هيءَ رحم جي ڪينسر کان بچاءُ جو ڪارڻ آهي

اياز لطيف پليجو غلط آهي؟سرڪاري نوڪري لاءِ وڏيرن جي بنگلن تي پنهنجي اڇي ڏاڙھي واري پيءُ کي ذليل ڪرايندڙ قوم سمجهندي ته ان...
06/09/2025

اياز لطيف پليجو غلط آهي؟

سرڪاري نوڪري لاءِ وڏيرن جي بنگلن تي پنهنجي اڇي ڏاڙھي واري پيءُ کي ذليل ڪرايندڙ قوم سمجهندي ته انٽرپرينئر ان جو مطلب ڇا آهي؟

اڄ دنيا گيگ اڪانامي طرف شفٽ ٿي وئي آهي، هاڻي هارورڊ ۽ آڪسفورڊ جهڙا ادارا چون ٿا ته اسان جي ڊگري به شايد توهان کي نوڪري نه ڏئي سگهي.

اي آء ۽ بلاڪ چين دنيا جو نشو تبديل ڪري ڇڏيو آهي.
مٿي آء ايم ايف جي شرط سان جلد سرڪاري نوڪري ۾ مختلف شيون ۲۰۳۰ تائين حڪومت ختم ڪندي ۽ ۱ کان ۴ گريڊ واري نوڪري ڪنٽريڪٽ تي ڪندي.

باقي ڪيبورڊ جي پٺيان گاريون ڏيڻ ۽ ٻلي وانگر اکيون بند ڪرڻ سا مسئلا حل ٿا ٿين ته ۱۰۰ بسم الله.

ليکڪ:
ڊاڪٽر عامر مگسي

05/09/2025

49 سالن کان گهٽ عمر وارن ۾ ھاڻي 50٪ دل جا اٽيڪ ٿين ٿا، جيڪي 5 سال اڳ 30٪ هئا۔
(اين.آءِ.سي.وي.ڊي. جي رپورٽ)

01/09/2025

ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ميرپور‌گهوٽڪي بابت وڊيو جيڪا اڄ سچ ثابت پئي ٿي!
نه ٽراما سينٽر آهي، نه ڪارڊيڪ وارڊ، نقصان عوام جو ٿي رهيو آهي!

فلانو جوان هيو، بلڪل ٺيڪ هيو، اوچتو رات جو اھڙو ڇا ٿيو، " اچانڪ فوت ٿي ويو"اَڪثر اڄڪلهه تعزيت ۾ هي جملا ٻڌا وڃن ٿا، پر ح...
23/08/2025

فلانو جوان هيو، بلڪل ٺيڪ هيو، اوچتو رات جو اھڙو ڇا ٿيو، " اچانڪ فوت ٿي ويو"

اَڪثر اڄڪلهه تعزيت ۾ هي جملا ٻڌا وڃن ٿا، پر حقيقت مختلف آهي.

عام طور تي ۳۵ سال کان هيٺ ۽ ان کان وڌيڪ عمر وارن ۾ اچانڪ موت جي سڀ کان وڏي وجه دل جو اٽيڪ آھي.

عام طور تي دل جي حملي ۾ کاٻي پاسي سور ٿيندو آهي، پر ڪجه حالتن ۾ اوهان کي سور محسوس نه ٿيندو ۽ خاموش اٽيڪ به اچي سگهي ٿو.

شوگر

سگريٽ پيئڻ

خاندان (پيءُ، ماءُ، ڏاڏو، ڏاڏي) کي به دل جو اٽيڪ ٿيو ھجي

ڪوليسٽرول وڌيل هجڻ

بلڊ پريشر وڌيل هجڻ

نوٽ: اڄڪلهه دل جا حملا وڌي رهيا آهن، ڪوشش ڪريو هي پوسٽ وڌ کان وڌ ماڻهن سان شيئر ڪريو.

ڊاڪٽر عامر مگسي
ڪارڊيو لوجسٽ

21/08/2025

ھي وڊيو ڏسي ڏاڍو افسوس ٿيو.
دل جو اٽيڪ اڄڪلهه عام ٿي چڪو آھي.
جيڪڏهن ھيٺ ڏنل ڪنڊيشن ۾ اوهان کي ڪا نشاني محسوس ٿئي ٿي تہ دل جي ڊاڪٽر سان ضرور مشورو ڪريو:

گھبراھٽ

ساهه پھولجڻ

دل جي ڌڙڪن محسوس ٿيڻ

کاٻي پاسي سور رهڻ

دل تي بار يا بوجهه محسوس ٿيڻ

کاٻي پاسي سُڻجڻ

دل واري پاسي کان سور چهري ڏانهن وڃڻ

احتياط علاج کان بھتر آھي، مھرباني ڪري ھن ميسيج کي شيئر ڪريو.

ڊاڪٽر عامر مڱسي
ڪارڊيو لوجسٽ
GIMHS

19/08/2025

عام طور تي نوجوانن ۾ اڄڪلهه دل جي دورن جا ڪيس وڌندا پيا وڃن!

انهن مان گهڻا ڪارڊيومايوپٿي جي سٻ ٿين ٿا، جنهن جو مطلب آهي ته دل جو وڏو ٿي وڃڻ.

هن وڊيو ۾ توهان ڏسندؤ ته هي بيماري ڪيئن دل جي مسلس (پٺن) جي وڌڻ سان رت جي نيڪالي ۾ رڪاوٽ وجهي ٿي۔

Dr Aamir ali MAGSI

CARDIOLOGIST GIMHS

پاڪستان ۾ هاڻي 50٪ دل جا دورا 49 سالن کان گهٽ عمر وارن ۾ ٿي رهيا آهن۔سبب ڪمينٽ ۾ ڏنل آهن۔
12/08/2025

پاڪستان ۾ هاڻي 50٪ دل جا دورا 49 سالن کان گهٽ عمر وارن ۾ ٿي رهيا آهن۔

سبب ڪمينٽ ۾ ڏنل آهن۔

10/08/2025

آخر ڇا ڊاڪٽر غلط انجڪشن ڄاڻي ٻجھي ٿا ھڻن ؟

ڇا گمس ۾ ٽرانسپلانٽ ناڪام آهن؟

ليور ٽرانسپلانٽ آخر ڇو ٿيندو آهي؟

ويڊيو کي پورو ڏسندا؟

ڇا سنڌ ايترو امير ٿي ويو آهي جو هاڻي سرگودھا ۾ اسپتال جو بجيٽ به هتان ويندو؟
05/08/2025

ڇا سنڌ ايترو امير ٿي ويو آهي جو هاڻي سرگودھا ۾ اسپتال جو بجيٽ به هتان ويندو؟

Address

Dhq Hospital
Mirpur Mathelo

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Aamir ali posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Practice

Send a message to Aamir ali:

Share

Share on Facebook Share on Twitter Share on LinkedIn
Share on Pinterest Share on Reddit Share via Email
Share on WhatsApp Share on Instagram Share on Telegram

Category