8 A Time News

8 A Time News ايٽ اي ٽائيم نيوز تيز ترين سروس سان هميشہ رهو باخبر Seasonal equipment

17/03/2026

صالح پٽ جي امر صحافي شهيد اجئي لالواڻي جي پنجين ورسي

15/03/2026

سڄي سنڌ کي قديم سنڌو سنبت ڪئلينڊر جي نئين ملينيم صدي مٽجڻ 1400 صدي سنبت بيهڻ جون۔واڌايون هجن اڄ نئين صدي 1400 سنبت آهي چيٽ جي پهرين تاريخ آهي. اسان جا ماڻهو بڪرمي ڪئلينڊر کي پنهنجو سمجهندا آهن..

صالح پٽ ۾ هندو نوجوان تي تشدد ڪندڙ جوابدار عمران ملاح سوگھو..
14/03/2026

صالح پٽ ۾ هندو نوجوان تي تشدد ڪندڙ جوابدار عمران ملاح سوگھو..

13/03/2026

صالح پٽ : وچ شهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو مکي اشوڪ ڪمار جي پٽ اميت ڪمار مٿان عمران ميربحر جو بلاجواز حملو، تشدد, ڦر جي ڪوشش، صالح پٽ پوليس جوابدار بدران ان جي پيءُ کي گرفتار ڪيو..

صالح پٽ ۾  جوابدارن پاران  ھندو پئنچائت جي مکي جي پٽ کان ڦر جي ڪوشش مزاحمت ڪرڻ تي نوجوان تي تشدد ڪري زخمي ڪيو ڪپڙا ليڙون...
13/03/2026

صالح پٽ ۾ جوابدارن پاران ھندو پئنچائت جي مکي جي پٽ کان ڦر جي ڪوشش مزاحمت ڪرڻ تي نوجوان تي تشدد ڪري زخمي ڪيو ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري جوابدار فرار ٿي ويو خبر موجب ھندو پئنچائت صالح پٽ جي مکي اشوڪ مل جو پٽ اميت ڪمار صالح پٽ ۾ پنھنجي ڪريانا جي دڪان تي ويٺو ھيو ته جوابدار عمران عرف طوطو ميربحر پسٽل سان ڏوھ جي ارادي سان دڪان تي حملو ڪيو ته مکي اشوڪ ڪمار جي پٽ اميت ڪمار مزاحمت ڪئي ته جوابدار پسٽل جي زور تي تشدد ڪري کيس زخمي ڪيو.

گھاري ضلعي ٺٽي ۾ المناڪ واقعو/ اطلاع آھن ته ھِن نياڻيءَ کي پَنھنجي مڱيندي پاڻ وٽ گُھرائي دوستن سان گڏجي گينگ رئپ ڪري قتل...
13/03/2026

گھاري ضلعي ٺٽي ۾ المناڪ واقعو/ اطلاع آھن ته ھِن نياڻيءَ کي پَنھنجي مڱيندي پاڻ وٽ گُھرائي دوستن سان گڏجي گينگ رئپ ڪري قتل ڪري ڇَڏيو آھي/ خبر ناھي ڪھڙي دور ۾ رَھون پَيا- ڳالھ سَمجھ کان ٻاھر آھي/ سَمورن جوابدارن جي فوري طور گرفتاري ۽ سَخت سَزا جو مُطالبو ڪريون ٿا!
( نعمت کهڙو صاحب جي وال تان )

پاڪستان جي چئني صوبن بشمول سنڌ ۾ 17 يا 18 مارچ کان 21-22 مارچ تائين تيز برساتن جو سلسلو ڏکڻ پنجاب، اپر سنڌ، سکر، لاڙڪاڻو...
12/03/2026

پاڪستان جي چئني صوبن بشمول سنڌ ۾ 17 يا 18 مارچ کان 21-22 مارچ تائين تيز برساتن جو سلسلو ڏکڻ پنجاب، اپر سنڌ، سکر، لاڙڪاڻو، خيرپور، ميرس، حيدرآباد، ٿرپارڪر، نوابشاهه، سانگهڙ، قاضي احمد، سيوان شريف، ڄامشورو، ماتلي، بدين، ڪوهستان سميت ڏکڻ پنجاب، بلوچستان، اتر اوڀر بلوچستان جا ڏاکڻيون علائقا ۽ آخرڪار مٿانهين علائقن ۾ خيبرپختونخواهه، ڪشمير ۾ تيز هوائن سان گڏ طوفان جو امڪان آهي. ساڳئي طرح اترين علائقن، ڪراچي کان ڪشمير تائين برفباري، ٿڌيون هوائون، رات جو ٿڌ ۽ عيد جي ڏينهن ۾ موسم سخت رهڻ جو امڪان آهي. اسان هڪ مهينو اڳ اڳڪٿي جو الرٽ جاري ڪيو هو. ان کان علاوه، 24 مارچ کان 28 مارچ تائين هڪ ٻيو طاقتور مينهن سسٽم سنڌ سميت پاڪستان جي چئني صوبن ۾ گجگوڙ جو سبب بڻجندو..
🔘

10/03/2026

ڇهاسي : پورهيت جي ڪکائين گهر کي باھ / الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو.. رپورٽ : ثقلين شنباڻي.

10/03/2026

ڇهاسي : بهلول پمپ ڀرسان ڳوٺ حبيب الله ملاح ۾ پورھيت عاشق ملاح جي ڪکائين گهر کي چلھ جي چڻگ مان باھ لڳي وئي، گهر ۾ پيل نياڻي جو ڏاج، هنڌ بسترا، اناج ۽ روڪ رقم سميت سمورو الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو.

روھڙي لڳ دبر ٿاڻي جي حد ڀڙي ۾ تنيا برادري جي ماڻهن هٿان ڪارھن الزام هيٺ ٻٽو قتل /   تنيا برادري پنهنجي عورت سميت ترور وا...
10/03/2026

روھڙي لڳ دبر ٿاڻي جي حد ڀڙي ۾ تنيا برادري جي ماڻهن هٿان ڪارھن الزام هيٺ ٻٽو قتل / تنيا برادري پنهنجي عورت سميت ترور واسي 22 ورهين جو نوجوان بھادر جعفري کي قتل ڪري ڇڏيو،
ٻي پاسي دبر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي / جڏهن ته تنيا برادريء جي ماڻهن لاش ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو / دبر پوليس ھن وقت تائين لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺڻ ناڪام بڻيل ..

10/03/2026

ايندڙ ڏينهن ۾ به تيل جي قيمتن ۾
واڌ ٿيندي پر مان توهان کي مايوس
نه ڪندس..
وزيراعظم شهباز شريف,

09/03/2026

پيٽروليم بچت فارمولو / بئنڪن کانسواءِ خانگي ۽ سرڪاري آفيسون هفتي ۾ 4 ڏينهن کليل رکڻ جو فيصلو..

Address

Street No 4
Saleh Pat
65150

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when 8 A Time News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Share on Facebook Share on Twitter Share on LinkedIn
Share on Pinterest Share on Reddit Share via Email
Share on WhatsApp Share on Instagram Share on Telegram