31/01/2026
ڊَوَ بنا ڍولا، ناهي ساڃاھ سونهن جي.😎
************************************
حبیب ﷺ جي محبوب مدیني ۾ جڏھن سریلي سنگت جي گفتار جا گلاب ٽھڪن سان ٽمٽار، جڏهن رچي ٽڙي پوندا آهن ته سنگت جي سٽاء ۾ نرالي بيھڪ باغ بڻجي اھڙو ھڳاء وکيري ڇڏيندي آهي،جنھن سان اندر بہ واسجي پوندا آھن۔
رات بہ مدیني جي چونډ دیسي پردیسي ډاڪٽر سنگت رات جي اویل پھرن تائین سانجھاندي تي مھڪندڙ فضائن کي احساس ارپي ھڪ ٻئي سان اندر جا حال اوري جيئڻ جا پھ پچاريا۔
*****************************************
اي منهنجا مالڪ سائين❗️ مُون کي ۽ مُون سان مُحبَتَ ڪَندَڙَنِ، مُنھِنجَنِ ٻچڙن، مُنھِنجَي پريوار ۽ دوستاڻي جيءَ ۾ جُڙيل،پيارن مُنھِنجَنِ گَھڻَ گُھرَنِ کي سدا سکیو،سرھو ۽ سائو رکجانء۔آمين